اسلام آبادپاڪستان

بلاول ڀٽو جي 3 نسلن جمهوريت لا قربانيون ڏنيون آهن:چيف جسٽس

اسلام آباد :پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ۽ عدالتي بينچ اڳيان چيو ته پنهنجي لا حڪومت ٺاهڻ اسان جي ترجيح ناهي، ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ غير آئيني آهي ۽ ان غيرقانوني رولنگ وزيراعظم جي جمهوريت تي سوال اٿاريو آهي. اسان حڪومت ٺاهي چونڊ سڌارا ڪرڻ چاهيون ٿا. ان تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڇا چونڊ سڌارن جي تجويز ٽيبل ٿي آهي؟ ڇا ڪو بل جمع ڪرايو ويو؟ اسان کي خبر توهان جي خاندان جمهوريت لا قربانيون ڏنيون آهن، توهان جون سينيٽ ۾ جيڪي چونڊ سڌار تجويزون آهن، اهي گهرائي وٺو. چيف جسٽس چيو ته بلاول توهان جي مهرباني جو توهان تمام زبردست ڳالهه ڪئي ۽ توهان واحد ماڻهو آهيو، جن جي منهن تي مرڪ هوندي آهي. اسان کي آئين تي سختي سان عمل ڪندي فيصلو جاري ڪرڻ ڏيو. فيصلو آئين ۽ قانون موجب هوندو. اسين ڄاڻون ٿا ته بلاول جي 3 نسلن جمهوريت لا قربانيون ڏنيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button