اسلام آباد ؛سلام آباد هاءِ ڪورٽ پيڪا ترميمي آرڊيننس کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. ڪالهه پيڪا ترميمي آرڊيننس خلاف درخواستن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله شنوائي ڪئي. ايف آءِ اي طرفان عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن تي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته عدالت جي سامهون ايس او پيز رکيون ۽ ان کي به پائمال ڪيو ويو. اوهان ايس او پيز جي پائمالي ڪئي ۽ اهي سيڪشن لڳايا جيڪي لڳندا ئي نه هئا. اهي سيڪشن صرف ان لاءِ لڳايا ويا ته جيئن عدالت کان بچي سگهجي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پڇاڻو ڪيو ته اهو ٻڌايو ته ڪيئن هن کان بچي سگهجي ٿو؟ جنهن تي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي بابر بخت قريشي چيو ته قانون ٺهيل آهي، ان تي عمل ڪرڻ لاءِ پريشر وڌو ويندو آهي. جسٽس اطهر من الله پڇيو ته اوهان ڪنهن عام ماڻهو لاءِ ايڪشن کنيو؟ لاهور ۾ ايف آءِ آر داخل ٿي ۽ اسلام آباد ۾ ڇاپو هنيو ويو. ڊائريڪٽر ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته اسان ايف آءِ آر کان اڳ گرفتاري ڪندا آهيون، پوءِ ان کان برآمدگي تي ايف آءِ آر داخل ڪندا آهيون، جنهن تي عدالت پڇيو ته اوهان ڪيئن گرفتاريون ڪري سگهو ٿا؟ ڪهڙي قانون تحت گرفتاريون ٿي سگهن ٿيون؟ چيف جسٽس چيو ته اوهان پنهنجي عمل تي پشيمان به نه آهيو ۽ دليل ڏئي رهيا آهيو، ڪنهن جو ته احتساب ٿيڻو آهي. ڪير ذميوار آهي؟ اڄ آرڊر ڪرڻو آهي. جسٽس اطهر من الله چيو ته صحافين جي نگراني ڪئي پئي وڃي. ڇا اهو ايف آءِ اي جو ڪم آهي؟ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ٻڌايو ته بلال غوري کان علاوه باقي سڀني جي جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي، جنهن تي عدالت پڇيو ته بلال غوري وي لاگ ڪيو هو ۽ ڪتاب جو حوالو ڏنو هو، ان تي ڪارروائي ڪيئن ٺهي ٿي؟ چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ملڪ ۾ ڪيترائي ڀيرا مارشل لا لڳو اها تاريخ آهي. ماڻهو ڳالهيون ڪندا. جنهن کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ پيڪا ترميمي آرڊيننس تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. عدالت جمعي جي نماز کان پوءِ مختصر فيصلو ٻڌائيندي پيڪا آرڊيننس 2022 کي غير آئيني قرار ڏيندي ڪالعدم قرار ڏنو. عدالت پيڪا ترميمي آرڊيننس خلاف پي ايف يو جي سميت ٻيون درخواستون منظور ڪري ورتيون. عدالت 4 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ چيو آهي ته پيڪا آرڊيننس تحت ٿيندڙ سموريون ڪارروائيون ڪالعدم قرار ڏنيون وڃن ٿيون ۽ هن آرڊيننس مان متاثر ماڻهو لاڳاپيل فوم سان رابطو ڪري سگهن ٿا. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ڪوبه شڪ ناهي ته پيڪا ترميمي آرڊيننس غيرقانوني آهي، ان ڪري ان کي ختم ڪيو وڃي ٿو. آرٽيڪل 19 شهرين کي اظهار جي آزادي جو حق ڏئي ٿو. عدالت چيو ته آرڊيننس،آئين ۽ ان تحت فراهم ڪيل بنيادي حق، آرٽيڪل 9، 14، 19 ۽ 19 اي جي توهين ڪندي لاڳو ڪيو ويو هو. جڏهن ته پيڪا قانون تي ايف آ اي طرفان اختيارن کان مٿانهون قدم کڻڻ جي به انڪوائري جو حڪم ڏنو ويو. پيڪا 20 تحت داخل ڪيس به خارج ڪرڻ جو چيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close