پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم جي 8 شاخن ۾ پاڻي اڻلڀ، آبادگارن جو 8 ڪلاڪ ڌرڻو

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم برانچ مان نڪرندڙ 8 شاخن نوڙي شاخ، مشائخ هوٿي ڊسٽري، ميل شاخ، مائينر، نيو مائينر، ڪيھي مائينر، ڄام ڄاڻي، ستياري ۽ ٻين شاخن ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن جي وڏي انگ روهڙي ڪئنال ۾ لڳل ڪنب داڙون ريگيوليٽر تي گل حسن خاصخيلي، خداڏنو لاکو، خالد ڪوري، غلام حسين خاصخيلي، سراج درس، نور محمد درس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخت گرمي ۽ روضي جي حالت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري 8 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، جنهن دوران آبادگارن آبپاشي عملي خلاف زبردست نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن دانھيندي ٻڌايو ته ٽنڊوآدم برانچ کي بند ڪرڻ سبب 8 شاخن ۾ ٻن مهينن کان پاڻي جي کوٽ آهي، جنهن سبب ھزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل ڪيلي، ڪمند، سبزيون ۽ ڦوٽي جي فصل تباهه ٿي رهي آهي، پاڻي نه هجڻ سبب وونئڻن جي پوکائي به متاثر ٿي رهي آهي، جنهن سبب آبادگارن جو ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي، پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪري آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. ھنن گھر ڪئي ته پاڻي جي کوٽ ختم ڪري شاخن جو پاڻي کوليو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button