اسلام آباد : پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته بنگلاديش کان ڪهاڻي شروع ڪري ڪٿي ختم ڪيان. آئون ڪڏهن به ذاتيات تي نٿو ڳالهائڻ چاهيان، ماڻهو جذبات ۾ گهڻو ڪجهه چئي ويهندا آهن. ڪنهن جو ليڊر چئي ٿو ته مان ان جي بندوق جي نشاني تي آهيان. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته اڄ بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ جو ڏينهن آهي، اسپيڪر وقت ضايع نه ڪري، ووٽنگ ڪرائي ته جيئن هڪ آئيني عمل مڪمل ٿئي. اسپيڪر ووٽنگ ڪرائي، اسان نٿا چاهيون ته اسپيڪر خلاف عدالت ۾ توهين عدالت جي درخواست کڻي وڃون. هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن کي گهڻو ڪجهه سمجائڻ جي ضرورت آهي ۽ سياست جي يونيورسٽي ته رڳو پ پ وٽ آهي. پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪيترائي اڳواڻ ان يونيورسٽي مان فارغ ٿيل آهن، ٿي سگهي ٿو سڀاڻي اهي ليڊر واپس پ پ ۾ اچي وڃن. سندس چوڻ هو ته سواءِ هڪ شخص جي پي ٽي آءِ اڳواڻن سان گڏ بيهي پاڪستان جي بهتري لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي. آصف زرداري چيو ته اهي ڪرڪيٽر به آهن، شڪاري به آهن، ملڪ به هلائي رهيا آهن. پو روئڻ ڪهڙي ڳالهه جو آهي. هيءَ سياست آهي ۽ اسان سياست ۾ رهڻ چاهيون ٿا. سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ مٿي ۽ ڊالر 3 رپيا هيٺ ويو. ان موقعي تي آصف زرداري کي اسپيڪر خاطري ڪرائي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪندس. اڳوڻي صدر چيو ته ڌيان ڇڪرائڻ چاهيان ٿو ته اڄوڪو ڏينهن ووٽنگ جو ڏينهن آهي. جنرل عمر ۽ اينگرو جا قصا نٿو ٻڌائڻ چاهيان. هن چيو ته سياسي يونيورسٽيون ته پيپلز پارٽي وٽ آهن. هنن وٽ اسان جا ڪافي شاگرد ويٺل آهن جيڪي هڪ ڏينهن واپس اچي ويندا. وقت ضايع نه ڪريو، ووٽنگ ڪرائي وڃي. هنن کي ته ڊالر جون قيمتون نظر نٿيون اچن جيڪو مٿي وڃي رهيو آهي، ووٽ، ووٽ، ووٽ ان کان علاوه ڪجهه نه. آصف زرداري وڌيڪ چيو ته سياست ۾ لاڳاپا خراب نٿا ڪري سگهجن. سواءِ هڪ ماڻهو جي سڀني دوستن سان پاڪستان جي بهتري لاءِ ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون. مهرباني ڪري جلد ووٽنگ ڪرايو ۽ اڳيان وڌو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close