اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. مخالف ڌر جي ذريعن الزام مڙهيو آهي ته اسد قيصر جو چوڻ آهي ته عمران خان سان سندس 30 سال پراڻو تعلق آهي جيڪو ختم نٿو ڪري سگهي. مخالف ڌر جي ذريعن موجب اسپيڪر چيو ته توهين عدالت جو ڏوهه ثابت ٿئي يا نااهل، نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار آهيان، پر عمران خان سان بي وفائي نٿو ڪري سگهان.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close