ميان صاحب/سلطان ڪوٽ: اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور آصف رضا چانڊيو همايون ۽ سلطان ڪوٽ ۾ رمضان شريف جو احترام نه ڪندڙ ھوٽل مالڪن ۽ پئٽرول پمپن تي گهٽ ماپو رکڻ خلاف ڪارروائي ڪري 20 هزار ڏنڊ مقرر ورتو. جڏهن ته ڏنڊ نه ڏيڻ تي پيٽرول پمپ مئنيجر زبير احمد کي گرفتار ڪري ورتو. همايون ۽ سلطان ڪوٽ ۾ 3 هوٽلن کي سيل ڪري هزارين رپيا ڏنڊ مقرر ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور آصف رضا چانڊيو ٻڌايو ته رمضان شريف ۾ سرعام هلندڙ ڪيترائي هوٽل سيل ۽ ڪيترن ئي هوٽلن تي ڏنڊ لڳايو آهي، جڏهن ته في ليٽر تي ٻه رپيا وڌيڪ اگهه وٺندڙ پيٽرول پمپ تي 20 هزار ڏنڊ وڌو آهي ۽ ڏنڊ نه ڏيڻ تي مئنيجر زبير احمد کي گرفتار ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close