سنڌ

”سرڪاري نوڪري ڏياريو“ لاڙڪاڻي ۾ نوجوان درزي جو احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي واسي نوجوان درزي پنهنجي پٽ سان گڏجي مالي مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت اختيار علي ڪنڀر دانهيندي چيو ته مون کي 10 ٻارن جي اولاد آهي، جن جي پيٽ گذر لاءِ درزڪو ڪم ڪندو آهيان، جنهن جي اجرت مان گهر جو گاڏي هلائڻ مشڪل ٿي ويو آهي، مونکي پنهنجي جهڳو به ناهي، ڪرائي جي گهر ۾ رهندو آهيان. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ ڪرونا وبا کان بچڻ لاءِ ڪرايل لاڪ ڊائون بعد روزگار بند ٿي ويو آهي، جنهن ڪري ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن، هن ايم پي اي حزب الله ٻگهيو سميت سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي مونکي سرڪاري نوڪري ڏيڻ سان گڏ مالي سهائتا ڪري فاقاڪشي کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button