پاڪستانسنڌ

گلشن حديد لڳ معصوم ٻار زيادتي بعد بيدردي سان قتل

ملير: ملير ۾ وحشي جوابدار 6 سالن جي معصوم ٻار کي زيادتي ڪرڻ بعد بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن حديد ڀرسان جيئل شاهه ڳوٺ ۾ وحشي جوابدار 6 سالن جي معصوم ٻار سان زيادتي ڪري کيس موقعي تي ئي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن منجهند ڌاري معصوم ٻار گهر ٻاهران کيڏندي اوچتو گم ٿي ويو، گهڻي دير کانپوءِ ٻارڙو نه ملڻ کانپوءِ گهر ڀاتين ڳولا ڪئي ته وارثن کي معصوم ٻار جو لاش هٿ آيو. علائقي واسين ۽ وارثن فوري طور تي اسٽيل ٽائون جي پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال موڪليو، جتي پوسٽ مارٽم ۾ ٻار سان زيادتي ۽ گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جي تصديق ٿي آهي. پوليس پاران ڳولا ڪرڻ باوجود جوابدار هٿ نه اچي سگهيو آهي. وارثن اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي هڪ 16 سالن جي جوابدار خلاف قتل ۽ زيادتي جو ڪيس داخل ڪرايو. مقتول معصوم ٻار جي پورهيت پي ٻڌايو ته ظالمن ظلم ڪيو آهي، منهنجو معصوم ٻار ظالم جوابدار قتل ڪيو آهي، قاتل کي فوري طور قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ کيس سخت کان سخت سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي. ڪيس جي جاچ آفيسر لونگ خان برهماڻي ٻڌايو ته قاتل اڳ به اهڙي قسم جون ڪارروايون ڪري چڪو آهي. 2020ع ۾ گلشن معمار ٿاڻي جي حد ۾ هڪ ٻار سان زيادتي ڪئي هئي، پوليس قاتل جو گهيرو تنگ ڪيو آهي، جلد قاتل پڪڙ ۾ ايندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button