پاڪستانسنڌ

گڏاپ ۾ ريتي بجري جي چوري جاري، زراعت تباهه، جر به هيٺ ٿي ويو

ملير:گڏاپ ۾ ريتي بجري جي وڌندڙ چوري سبب زراعت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي آهي. تاريخي باغ ويران ٿي ويا آهن، چيڪو، انب، ڪيلي ۽ پپيتي جا باغ برباد ٿي ويا. جر جو پاڻي 7 سئو فوٽ کان به هيٺ ٿي ويو. گڏاپ جو علائقو ڪوهستان ريگستان، ڪاڇي ۽ ٿر جهڙو منظر پيش ڪرڻ لڳو آهي، ريتي بجري جي چوري گبول آباد، گڏاپ، ڪونڪر، موئيدان، کار، ملير ندي، سڪڻ ندي، ٿڌو ندي، ڪاٺوڙ، لنگهيجي، شاهه مريد، درساڻو ڇنو ۽ شاهه لطيف سميت ٻين علائقن ۾ پوليس توڙي منرل مائينز جي سرپرستي ۾ جاري آهي. ريتي بجري چوري جو مقصد گڏاپ ٿاڻي جي حد چئي وڃي پئي، حب ڊئم کان ويندي ڪاٺوڙ، کار، موئيدان، سپر هاءِ وي ۽ موٽر وي سميت ننڍن توڙي وڏن روڊن، ندين ۽ نالن کان ايندڙ ويندڙ رستن تي روز هزارن جي تعداد ۾ ريتي بجري چوري ٿي رهي آهي. ريتي بجري مافيا پوليس ۽ منرل مائينز کاتي کي هزارين رپيا رشوت ڏئي رهي آهي. ان ڏس ۾ ناليواري سپريم ڪورٽ جي وڪيل ميمبر سنڌ بار ڪائونسل محمد اشرف سمون جو چوڻ آهي ته ريتي بجري جي چوري قانوني ڏوهه آهي، ريتي بجري جي چوري سبب جر تمام هيٺ ٿي ويو آهي، جر هيٺ ٿي وڃڻ جي ڪري زميندارن کي تمام وڏو نقصان ٿي رهيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ريتي بجري جي چوري منع هجڻ باوجود ريتي بجري چوري عام ۽ جام آهي، جنهن سبب باغ تباهه ٿي ويا آهن ۽ چوپايو مال مرڻ لڳو آهي، زميندار هاري توڙي عام ماڻهو سخت پريشان آهن. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ناهيد جوڳي چيو ته ڪراچي جي قديم ماڻهن سان وڏو ظلم ٿي رهيو آهي، هڪ طرف زمينون لينڊ مافيا ۽ بلڊر مافيا کسي ڇڏيون آهن ته ٻئي طرف قديمي ماڻهن جي نسل ڪشي لاءِ ريتي بجري چوري ڪرائي قديم ماڻهن جي پيرن هيٺان زمين کسڪائي پئي وڃي. سنڌ سرتيون آرگنائيزيشن جي مرڪزي چيئرپرسن زاهده ڏاهري، جنرل سيڪريٽري زينت سنڌي ۽ نائب صدر رخسانه هاليپوٽو چيو ته ريتي بجري جي چوري ڪراچي جي آبشار واري علائقي گڏاپ کي ڪاڇي، ڪوهستان، ٿر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button