اسلام آبادپاڪستان

اليڪشن ڪميشن کي فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو مهيني ۾ ٻڌائڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو 30 ڏينهن ۾ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني لکت وارو فيصلو جاري ڪيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فارن فنڊنگ ڪيس جو رڪارڊ اڪبر ايس بابر کي ڏيڻ کان روڪڻ جي پي ٽي آءِ جي درخواست به رد ڪري ڇڏي. اڪبر ايس بابر کي پابندي پيل فارين فنڊنگ ڪيس جي ڪارروائي کان الڳ ڪرڻ جي درخواست به رد ڪئي وئي. عدالت پي ٽي آءِ جي اڪبر ايس بابر خلاف درخواست خارج ڪري ڇڏي ۽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو برقرار رکيو آهي. تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جو فيصلو چئلينج ڪيو هو، اليڪشن ڪميشن 25 جنوري ۽ 31 جنوري تي پي ٽي آءِ جون داخل درخواستون رد ڪري ڇڏيون هيون. واضح رهي ته پابندي پيل فارن فنڊنگ ڪيس نومبر 2014 کان اليڪشن ڪميشن ۾ شنوائي هيٺ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button