ميھڙ/حيدرآباد/ڄامشورو: ميهڙ ۾ اغوا بعد بيدردي سان قتل ڪيل شاگرد مٽي ما حوالي، علائقي ۾ سوڳ، قاتلن کي سزا ڏيارڻ لا ريليون تفصيل موجب ميھڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد سٽيزن ڪالوني مان ٽي ڏينهن اڳ اغوا بعد مبينا ڏاڍائي بعد بيدردي سان قتل ڪيل 15 ورھين جي ساحل گهانگھرو کي اباڻي قبرستان ۾ ھزارين آلين اکين سان مٽي ما حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته شاگرد جي قتل سبب علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو. جڏهن ته ڊي آ جي حيدرآباد پير محمد شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي دادو کي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ٻئي پاسي ساحل گهانگرو جي قتل خلاف ميهڙ بار جي وڪيلن صدر وڪيل عبدالحليم ٻگهيو، جنرل سيڪريٽري وڪيل سعيد احمد پنهور، وڪيل رياض ڏيرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميهڙ ڪورٽ جي احاطي کان مک گيٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي. هنن چيو ته ساحل گهانگهرو جي قتل ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم لڳائي جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي. حيدرآباد ۾ ميٺا رام ڪيمپس جي شاگردن علي احمد، امداد ڪيريو، عزيز احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب حيدرآباد تائين ريلي ڪڍي. جڏهن ته ڄامشورو ۾ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪارڪنن ڪانڀو عمراڻي، زبير آزاد ۽ علي احمد جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي قاتلن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. ميھڙ سول سوسائٽي پاران جان محمد جهنڊير، ابوذر ٻگهيو، مولوي ياسين اشرفي، آزاد چنا، عقيل ميمڻ، ايڊوڪيٽ شير چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دعا چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن بعد مقتول نوجوان جي تصوير اڳيان ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي. هوڏانهن مقتول نوجوان جي پي اظھر گھانگھرو ۽ سندس چاچي اطهر گهانگھرو چيو آهي ته پوليس جي سستي سبب واقعو پيش آيو آهي، پوليس صرف ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، پر قتل ڪيس ۾ وڌيڪ جوابدار ملوث آهن، سڀني کي گرفتار ڪري قاتلن کي ڦاهي ڏني وڃي. ٻئي پاسي رابطي تي ايس ايڇ او بي سيڪشن قابل ڀيو موجب پوليس اغوا جي شڪ بعد مقامي هوٽل جي سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ سي ڊي آر جي مدد سان 2 جوابدار گرفتار ڪيا هئا، جن جي نشاندهي تي لاش هٿ ڪيو آهي، جوابدارن ساحل گهانگهرو کي نشو ڏئي جنسي ڏاڍائي بعد مٿي ۾ پٿر هڻي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. ذريعن موجب ميھڙ پوليس ٻن جوابدارن رشيد ڏھر ۽ شيراز ابڙو سميت پنج ڄڻن کي نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close