پاڪستانسنڌ

“نرمل شاهي جا قاتل گرفتار ڪريو” ڪوٽڙي ۾ مظاهرو

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي ۾ ڪڪڙ ٿاڻي جي حد ۾ ٻه ڏينھن اڳ مبينا طور قتل ٿيل نرما شاھي جو ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف عوامي جمھوري پارٽي جي سنڌي عورت تنظيم ۽ وارثن ڪوٽڙي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي شھزادي ڀرڳڙي، نازيا ڀٽي، اقبال ڪوريجو، قربان پنھور ۽ ٻين چيو ته ٻه ڏينھن اڳ ڪڪڙ ٿاڻي جي حد ۾ نرما شاھي کي مبيناطور تي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آھي، پر ڊاڪٽرن نرما جي لاش جو پوسٽ مارٽم نه ڪيو، جنهن کان پو حد جو ايس ايچ او جوابدار ڌر سان ملي مامري کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي. هنن چيو ته مبينا قتل جي ايس ايس پي دادو ۽ ڊي آ جي حيدرآباد جاچ ٽيم جوڙي نرما جي قبرڪشائي ڪري جوابدار فھد متاڻي مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button