اسلام آباد : پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف قومي اسيمبلي جو بنا مقابلي اسپيڪر چونڊجي ويو. تحريڪ انصاف سان لاڳاپيل قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. جڏهن ته نئين چونڊيل اسپيڪر تحريڪ انصاف ميمبرن جي استعيفيٰ ڊي سيل ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه نوازليگ ميمبر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ راجا پرويز اشرف بنا مقابلي قومي اسيمبلي اسپيڪر چونڊجي ويو. پئنل آف چيئر اياز صادق، راجا پرويز اشرف جي قومي اسيمبلي اسپيڪر چونڊجڻ جو اعلان ڪندي کانئس حلف ورتو. وزيراعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو راجا پرويز اشرف کي قومي اسيمبلي اسپيڪر چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني ۽ چيو اميد ته نئون اسپيڪر ايوان بهتر طريقي سان هلائيندو. عهدي جو حلف کڻڻ جي موقعي تي گيلريز ۾ موجود مهمانن زبردست نعريبازي ڪئي. ان دوران راجا پرويز اشرف قومي اسيمبلي اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي سياست جي حُر مرد آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو جو ٿورائتو آهيان، مان وزيراعظم سميت پارلياماني اڳواڻن جو به ٿورائتو آهيان، جن مون کي هن عهدي لاءِ اهل سمجهيو. سندس چوڻ هو ته پهريون ڀيرو هڪ اڳوڻو وزيراعظم قومي اسيمبلي اسپيڪر بڻيو آهي، رب پاڪ اڳيان ڪنڌ جهڪايان ٿو، جنهن مون جهڙي کي باوقار عهدي تي ويهاريو. ٻئي طرف نئين چونڊيل قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف تحريڪ انصاف ميمبرن جي استعيفيٰ ڊي سيل ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته استعيفيٰ ڊي سيل ڪري مون کي ڏيو ته مان قانون ۽ آئين موجب انهن کي ڏسي سگهان. هوڏانهن قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته قاسم سوري جي استعيفيٰ سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي آفيس کي وصول ٿي وئي آهي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري پنهنجي استعيفيٰ ۾ لکيو ته عهدي تان استعيفيٰ پارٽي ويزن موجب ڏني، استعيفيٰ پارٽي جي جمهوريت سان ان وابستگي جي علامت آهي. هن لکيو ته پاڪستان جي خود مختياري ۽ سلامتي تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪنداسين، ملڪ جي آزادي جي تحفظ لاءِ ڪنهن به حد تائين وينداسين. واضح رهي ته اڄ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اسپيڪر جي حلف کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيڻي هئي. ياد رهي ته ان کان اڳ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر به پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي. جڏهن ته قومي اسيمبلي اجلاس دوران پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري تي ٿيندڙ تشدد جي به ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close