اسلام آبادپاڪستان

اثاثا لڪائڻ يا ظاهر نه ڪرڻ تي مني لانڊرنگ ڪيس ٺاهڻ غيرقانوني قرار

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اثاثا لڪائڻ يا ڊڪليئر نه ڪرڻ تي مني لانڊرنگ جو ڪيس ٺاهڻ غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله مني لانڊرنگ جو ڪيس ٺاهڻ بابت درخواست جو 5 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. راولپنڊي جي ڪاروباري شخصيت الطاف احمد گوندل جي ڪيس جي پيروي ايڊووڪيٽ عدنان رنڌاوا ڪئي. چيف جسٽس اطهر من الله طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اثاثا ڏوهه جي رقم ذريعي نه ٺاهيا ويا هجن ته مني لانڊرنگ ايڪٽ لاڳو نه ٿيندو. فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته مني لانڊرنگ جو ڪيس ٺاهڻ لاءِ ڏوهه جي پئسن مان اثاثا ٺاهڻ جو ثبوت ڏيڻ ضروري آهي. عدالتي فيصلي موجب 2010 جو ايڪٽ مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جا فنڊ روڪڻ لاءِ جاري ڪيو ويو. فيصلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 29 جون 2021 تي داخل ايف آءِ آر ۾ اثاثا ڊڪليئر نه ڪرڻ يا لڪائڻ جو الزام آهي. پٽيشنر جي خلاف مني لانڊرنگ جو ڪرمنل ڪيس ٺاهڻ جي ڪارروائي اختيارن کان مٿانهين ۽ غيرقانوني آهي. لکت واري فيصلي جي متن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهو صرف اثاثا لڪائڻ جو ڪيس هو. ان تي مني لانڊرنگ جو ڏوهه نٿو بڻجي. عدالت مني لانڊرنگ ايڪٽ جي تحت داخل ايف آءِ آر غيرقانوني قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button