ميرپورخاص: ميرپورخاص ميونسپل ڪارپوريشن جي فائر برگيڊ تي ڊيوٽيون ڪندڙ ڊيلي ويجز ملازمن 4 سالن کان پگھارون نه ملڻ ۽ پڪو نه ڪرڻ خلاف معصوم ٻارن سميت ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ملازمن طارق علي، اختر، حاڪم علي، دانيال، محمد صابر، محمد صالح، محمد وارث شاھه، الله رکيو، امجد علي، مور، اياز علي، لياقت ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان گذريل چار سالن کان ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آھيون، اسان گذريل چار سالن کان فائر برگيڊ ۽ ويڪل تي ڊرائيور ۽ ڪلينر طور پنھنجي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا آهيون، اسان کي ميونسپل ڪارپوريشن پاران صرف ھر سال عيد جي موقعي تي ھڪ پگھار ڏني وڃي ٿي، بغير پگھار جي اسان رات ھجي يا ڏينهن ڊيوٽي ايمانداري سان ڪري رھيا آھيون. 2018ع ۾ کسھک پورا مارڪيٽ ۾ عيد ڏينهن خطرناڪ باھه لڳي ھئي ۽ اسٽاف نه ھجڻ ڪري فائر برگيڊ جون نيون گاڏيون خريد ڪيون ويون ھيون، جتي اسان کي ڀرتي ڪيو ويو ھو، ان سال کان پگھارون نٿيون ڏنيون وڃن. ھنن وڌيڪ چيو ته پگھارون نه ملڻ سبب گھرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي. ھنن وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي ۽ چار سالن جو پگھارون بحال ڪري اسان کي ريگيولر ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close