ميرپورخاص : ميرپورخاص ۾ زرعي ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ جي الزام ھيٺ 3 دڪان ۽ ڀانڊا سيل ڪيا ويا. ميرپورخاص ۾ وونئڻن ۽ ڪمند جي سيزن دوران فصلن کي گھربل ڀاڻ يوريا ۽ امونيم نائٽريٽ مبينا طور اسٽاڪ ڪري آبادگارن کي بليڪ تي وڪرو ڪرڻ واري معاملي جو ڊپٽي ڪمشنر سلامت ميمڻ نوٽيس ورتو، جنھن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر محمد خان کٽي ۽ سليم شيخ جرواري شاخ ۽ ٻين ھنڌن تي ڇاپا ھڻي ٽن دڪانن ۽ انھن جي ڀانڊن کي سيل ڪري ڇڏيو. جڏھن تھ ڀانڊن تي لھندڙ ڀاڻ جون ٽرڪون ۽ ٽرالر تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آھن. زراعت کاتي جي عملدارن جو چوڻ آھي تھ ھن وقت ڪڻڪ ۽ ڪمند جي فصلن کي ڀاڻ جي سخت ضرورت آھي، پر دڪاندارن پاران 1953 رپين ۾ ملندڙ ڀاڻ جي ٻوري 2500 کان 2700 رپين ۾ وڪرو ڪرڻ جي شڪايت ملي آھي. امونيم نائٽريٽ جي ٻوري 1700 بدران 2300 ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي، ان ڪري انتظاميا ننڍن آبادگارن کي رليف ڏيارڻ لا قدم کنيو آھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close