اسلام آبادپاڪستان

توشا خانا واري معاملي تي هر شئي قانون موجب ٿيندي:شهباز شريف

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت جي بدانتظامي ۽ نااهلي جي ڪري ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، اهڙي نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت ڪڏهن به ناهي آئي. توشا خانا معاملي تي هر شئي قانون موجب ٿيندي. ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هن وقت پوري ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جاري آهي. گذريل ٽن ڏينهن ۾ مون پنهنجي ساٿين سان پيٽروليم واري وزارت ۽ پاور واري وزارت جي اهلڪارن سان ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ معلوم ٿيو ته ملڪ ۾ 35 هزار ميگاواٽ بجلي جي صلاحيت موجود آهي، جنهن ۾ 6 هزار ميگاواٽ پن بجلي جي صلاحيت آهي. پن بجلي کان هٽي ڪري به اسان جي صلاحيت ايتري آهي جو پوري ملڪ جي ضرورت پوري ڪري سگهجي ٿي. بدقسمتي سان جيڪي پلانٽ سي پيڪ جي نتيجي ۾ لڳا اهي اڪثر ڪوئلي، سولر ۽ ونڊ تي ٻڌل هئا جڏهن ته 5 هزار ميگاواٽ ايل اين جي جي بنياد تي لڳايا ويا. انهن مان هڪ پلانٽ 2019ع ۾ هلڻو هو جنهن جي صلاحيت 1250 ميگاواٽ هئي، اهو منصوبو اڃا تائين مڪمل ناهي ٿيو ڇو ته ان جو فنانشل ڪلوزر ناهي ٿيو. اهو 10 ارب کان وڌيڪ جو منصوبو هو، اڳوڻي حڪومت ان تي ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي ان جي حوارين ان تي ڌيان ڏنو. هن چيو ته جيڪي نوان پلانٽ لڳا آهن اهي گئس ۽ تيل نه هجڻ سبب بند پيل آهن جنهن ڪري ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ آهي. وزيراعظم چيو ته بدانتظامي ۽ نااهلي جي ڪري اهي مسئلا پيدا ٿيا آهن. اهڙي نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت ڪڏهن به ناهي آئي، ملڪ ۾ گئس نه آهي، اسان تيل جا معاملا به ڏسي رهيا آهيون، لاڳاپيل وزارتن سان اجلاس ۾، مون انهن کان پڇيو ته جڏهن گئس ٽي ڊالر في يونٽ تي هئي ته توهان ڇو خريد نه ڪئي. اڄ اها قيمت 30 کان 35 ڊالر في يونٽ تي آهي. اهي قطر کان گئس جي معاملي تي ڪيڙا ڪڍندا رهيا. اهو معاهدو نه ٿئي ها ته خبر نه آهي اسان جي حالت ڪهڙي هجي ها. مون کي خبر آهي ته قطر جي امير ذاتي مداخلت سان ڊسڪائونٽ تي گئس ڏني هئي. هن چيو ته اڄ صبح هن راول چوڪ ۾ منصوبي جو جائزو وٺڻ لاءِ دورو ڪيو، اهو منصوبو 24 مهينن ۾ مڪمل ٿيڻو هو. اسان 72، 72 ڏينهن ۾ اهڙا منصوبا ٺاهي عوام جي حوالي ڪيا آهن. ان جو ٺيڪيدار بليڪ لسٽ آهي جنهن کي اورنج لائين ۾ ٺيڪو ڏنو ويو هو ان کي 90 ڪروڙ ڏنڊ ڪيو ويو. انهي بليڪ لسٽ ٺيڪيدار کي هي ٺيڪو ڏنو ويو آهي. اهو منصوبو مڪمل نه ٿيڻ جي ڪري ماڻهن کي مشڪلاتون درپيش آهن. وزيراعظم چيو ته هينئر خبر آئي آهي ته پنجاب اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر تي حملو ٿيو آهي، اها شيطانيت آهي ۽ اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا. ڪالهه قومي اسيمبلي اجلاس لاءِ پارليامينٽ هائوس پهچڻ جي موقعي تي صحافي پاران وزيراعظم کان سوال ڪيو ته ڇا توشا خانا جو نيب ريفرنس ٺهندو؟ صحافي جي سوال تي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته هر شئي قانون موجب ٿيندي. هوڏانهن مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ اياز صادق راجا پرويز اشرف کي اسپيڪر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو سمورين پارٽين سان ايوان ۾ ڪسٽوڊين طور هڪ جهڙو سلوڪ ڪندو. هن چيو ته ماضي ۾ به جڏهن هو اسپيڪر هو ته ان وقت پي ٽي آءِ جي ميمبرن استعيفائن جو اعلان ڪيو، اسان ان وقت هر ميمبر کي هڪ هڪ اچي پنهنجي استعيفائن جي تصديق ڪرائڻ جي لاءِ نوٽيس جاري ڪيا پر انهن انفرادي طور تي استعيفائن جي تصديق نه ڪرائي، هڪ ڏينهن سڀئي ايوان ۾ گڏ آيا، شاهه محمود قريشي ان موقعي تي تقرير ڪئي، جڏهن هو وڃڻ لڳا ته مون انهن کي آواز ڏئي پڇيو ته انهن جون استعيفائُون اسان وٽ اچي چڪُيون آهن پر انهن منهنجي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي ۽ هتان هليا ويا، حقيقت ۾ اهي ان وقت استعيفائون ڏيڻ نه چاهيندا هئا، هاڻي به انهن جي استعيفيٰ سائيڪلو اسٽائل فارم تي ڏنل آهي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر آئين ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button