پاڪستانسنڌ

ڪڪڙ ۾ ڪاڇي جي رهواسين جو بااثرن خلاف احتجاج

ڪڪڙ: ڪڪڙ ويجهو ڪاڇي جي علائقي ڳوٺ محمد ايوب قمبراڻي جي رهواسين پورهيت محمد ايوب، منظور قمبراڻي، عمر قمبراڻي، زاهد قمبراڻي ۽ ٻين احتجاج ڪيو. هنن چيو ته ديهه ٻير ٻگهيو ۾ سروي نمبر 583 ۽ ان جو مهاڳ مختيارڪار جوهي جي حڪم موجب 2000ع ۾ ڳوٺاڻن ملوڪ لغاري، قربان لغاري ۽ زمان فقير جي بيانن تي زمين اسان جي حوالي ڪري ڪاغذ ٺاهي ڏنا ويا، 17 ايڪڙ زمين جو رڪارڊ اسان وٽ آهي، پر هاڻ نياز لغاري، اعجاز لغاري، رياض عرف سهتو لغاري، آصف لغاري ۽ عرفان لغاري منهنجي زمين تي قبضو ڪرڻ لا پوکيل فصل کڻڻ نه ٿا ڏين، عدالتي حڪم باوجود ايس ايڇ او گلزار خشڪ قبضا خورن جو ساٿاري بڻجي اسان کي ٿاڻي تان ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. هنن سيشن جج ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته بااثرن خلاف قدم کنيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button