ميهڙ/راڌڻ: راڌڻ جي ميراڻي پاڙي جي رهواسڻ 25 سالن جي نورجھان ميراڻي ڌي غلام عباس ميراڻي 8 مهينا اڳ سندس مڙس نياز خاصخيلي سنڍو جاني چانڊيو جي بڇ تي پنهنجي ڀائرن فياض خاصخيلي، مور ۽ اياز خاصخيلي سان گڏ حملو ڪري کين زخمي ڪيو هو، عورت جو ڪيترن ئي مهينن کان ڪراچي اسپتال ۾ علاج هلندڙ هو، جيڪا گذريل ڏينهن فوت ٿي وئي. ان سلسلي ۾ نورجھان جي والد غلام عباس ميراڻي صحافين آڏو دانھيندي چيو ته منهنجي ھڪ نياڻي جاني چانڊئي ۽ سندس ڀا بلاول جي بڇ تي منهنجي ٻي نياڻي نياز خاصخيلي ۽ سندس ڀائٔرن فياض اياز ۽ مور خاصخيلي حملو ڪري منهنجي نياڻي نورجھان کي مٿي تي ڌڪ ھڻي شديد زخمي ڪيو هو، جنهن کي ڪراچي اسپتال ۾ داخل ڪرايو، جيڪا فوت ٿي وئي، منهنجي نياڻي کي ماري ظالمن ظلم ڪيو آهي. راڌڻ پوليس قتل ڪيل ناري جي والد جي فرياد تي سندس مڙس ۽ ڏيرن خلاف رپورٽ داخل ڪري وارثن کي پوسٽ مارٽم لا ليٽر جاري ڪيو. هوڏانهن وارث عورت جو لاش کڻائي ميهڙ تعلقي اسپتال پهتا، جتي عورت ڊاڪٽر نه هجڻ سبب لاش هڪ ڪلاڪ تائين خانگي گاڏي ۾ پيل رهيو، جنهن بعد وارث بغير پوسٽ مارٽم جي لاش گهر کڻائي ويا. ذريعن موجب ڌرين ۾ معاملو راڄوڻي ذريعي حل ٿيڻ جو ٻڌايو پيو وڃي. پوليس موجب جوابدار پاڻ ناري جو پوسٽ مارٽم نه پئي ڪرائڻ چاهيو، ناري جي لاش کي راڌڻ اسپتال مان ايمبولينس نه ملي. ھوڏانهن وارثن والد غلام عباس ميراڻي جي اڳواڻي ۾ جوابدارن جي گرفتاري ۽ اسپتال انتظاميا پاران ايمبولينس نه ڏيڻ توڙي ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه ھجڻ خلاف احتجاج ڪيو. عورت جي والد گهر ڪئي ته نياڻي کي قتل ڪندڙ سندس مڙس ۽ ڏيرن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي عورت تي تشدد خلاف داخل درخواست تي سڀاڻي ميهڙ عدالت ۾ شنوائي ٿيندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close