عمرڪوٽ: عمرڪوٽ لڳ ناري جو گهر مان لاش مليو، وارثن مڙهه روڊ تي رکي 5 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. پوليس ناري جي مڙس ۽ ٻن ڏيرن تي قتل ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب عمرڪوٽ جي علائقي هيراآباد وٽ رهندڙ رتو ڪولهي جي گهر مان سندس زال رڌا جو مبينا ڦاهو ڏنل لاش مليو، جنهن بعد ڳوٺ روحل واهه جي رهواسي ڪولهي برادري جي عورتن ۽ مردن رتني ٻائي، هيمن ڪولهي، ٿانور ڪولهي ۽ مهراج ڪولهي جي اڳواڻي ۾ الله والا چوڪ تي ناري جو لاش رکي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي صحافين آڏو دانهيندي ناري جي ما ۽ ڀائرن چيو ته اسان جي نياڻي رڌا ڪولهي جي ڪجهه سال اڳ هيرآباد تي رهندڙ پاتو ڪولهي سان شادي ٿي هئي. ناري جي ما ٻڌايو ته منهنجي ڌي کي سندس مڙس پاتو ڪولهي ۽ سهرو تشدد ڪري ظلم ڪندا هئا. گذريل رات به منهنجي ڌي کي تشدد ڪري مڙس ۽ سهري قتل ڪيو ۽ لاش گهر جي ڪمري ۾ لٽڪائي واقعي کي خودڪشي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. 5 ڪلاڪ ڌرڻي بعد پوليس پهچي ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو. پوليس جو چوڻ هو ته عورت جي هيراآباد ۾ شادي ٿيل هئي، گهر مان مبينا لاش هٿ آيو آهي، ناري جي وارثن جي فرياد تي ناري جي قتل جو ڪيس ٽن جوابدارن ناري جي مڙس پتو ڪولهي، ڏير راجو ۽ هرکو ڪولهي مٿان داخل ڪيو آهي، پوليس ٽيمون جوڙيون آهن. جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close