پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم جي 3 شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ، آبادگارن جا ڌار ڌار مظاهرا

ٽنڊو آدم/ ڄام نواز علي: ٽنڊوآدم لڳ آبادگارن ٽن شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا. رپورٽ موجب ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ شهبيگ مري وٽ آبادگارن ٻيراڻي ڊسٽري مان نڪرندڙ ٽن شاخن مورياڻي مائينر، سونهري ۽ ڀاڏر شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگار اڳواڻن علي نور خاصخيلي، محمد حسن ناريجو، غلام محمد مري، پپو مگسي، شاهه جهان جوڻيجو، جي يو آئي جي غلام محمد مري، عوامي خاصخيلي فورم اڳواڻ عباس خاصخيلي، نظير مري، شفيع باجوه ۽ معشوق مگسي جي اڳواڻي ۾ هارين سان گڏ ٽنڊوآدم-جهول مين روڊ تي احتجاجي مظاهرو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ 5 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن سبب ٽريفڪ روڊ جي ٻنهي پاسي بيهي رهي. ان موقعي تي آبادگارن چيو ته شاخن ۾ پاڻي نه هجڻ سبب ڪمند، ڪيلي، ووئنڻن ۽ سبزين جا فصل سڪي ويا آھن، آبپاشي کاتي وارن هٿرادو کوٽ ڄاڻائي شاخن ۾ پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي، جنهن سبب اسان کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آھي. ايم پي اي ڄام شبير علي خان ڌرڻي ايڪسيئن کي ساڻ ڪري ڌرڻي واري هنڌ پهچي آبادگارن سان ڳالهيون ڪري پاڻي جي مسئلي کي حل ڪرائڻ جو يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرايو. ٻئي طرف سنڌ پاڪ آبادگار فورم جي ڪارڪنن عقيل ماڪوڙاڻي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن چيو ته هڪ سازش تحت سنڌ جي زراعت کي تباھه ڪيو پيو وڃي، پاڻي جي هٿرادو کوٽ جو بهانو بڻائي ننڍن آبادگارن کي معاشي طور تباهھ ڪيو پيو وڃي، بااثر واٽر ڪورس ٽوڙي پاڻي استعمال ڪري رهيا آھن، پر آبپاشي کاتو اتي خاموش بڻيل آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button