اسلام آباد : سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت صدارتي ريفرنس تي شنوائي دوران جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته ڪلچر بڻجي ويو آهي ته فيصلو اوهان جي حق ۾ هجي ته انصاف مٿانهون، خلاف هجي ته انصاف داغدار. عدالت سينيٽ اليڪشن ۾ را ڏني، ڪنهن به ان جي پيروي نه ڪئي. پارٽي کان ناراض ٿيندڙ کي ٻي جڳهه تي عهدو ڏنو وڃي ٿو. آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت صدارتي ريفرنس تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ شنوائي ڪئي. ان دوران جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته اسان وٽ ڪلچر بڻجي ويو آهي ته فيصلو اوهان جي حق ۾ هجي ته انصاف مٿانهون، خلاف هجي ته انصاف داغدار. هڪ آمريڪي جج کان پڇيو ويو ته عدالتي فيصلن تي عمل نه ٿيو ته اوهان وٽ توهين عدالت جو اختيار آهي؟ آمريڪي جج ٻڌايو ته آمريڪا ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عمل نه ڪرڻ جو تصور ئي ناهي. آمريڪا ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي ايترو اعتبار آهي جو ان تي ان جي روح موجب عمل ڪيو وڃي ٿو. پيپلزپارٽي جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ هو ته اسان جون جيڪي حالتون آهن، ملڪ انارڪي ڏانهن وڌي رهيو آهي، ڪو آئين ۽ قانون کي مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي.چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته سڀني کي هڪ پاسي کان ڏسڻ درست ناهي. فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ هو ته اسان هميشه سپريم ڪورٽ جا فيصلا مڃيا، جڏهن گيلاني صاحب کي فارغ ڪيو ويو ته اسان فيصلي کي مڃيو. آرٽيڪل 63 بابت دليلن ۾ فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته 1973 جي آئين ۾ آرٽيڪل 96 پارٽي مخالفت کان روڪي ٿو، 1973 جي آئين ۾ مخالف ميمبر جو ووٽ نٿو ڳڻي سگهجي. فوجي آمر آئين ۾ آرٽيڪل 62، 63 کي شامل ڪيو. جسٽس مظهر عالم سوال ڪيو ته ڇا پاليسي معاملن ۾ اختلاف تي به مخالفت جي سزا ٿئي ٿي؟ جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته پاليسي معاملن ۾ مخالفت ڪري سگهجي ٿي، اسپيڪر جي چونڊ ۾ به پارٽي پاليسي تي عمل ڪرڻ ضروري ناهي. فاروق ايچ نائيڪ چيو ته سترهين ترميم ۾ وزيراعظم ۽ پارٽي سربراهه کي بي پناهه اختيار ڏنا ويا، وزيراعظم خلاف ته سپريم ڪورٽ به ڪارروائي نٿي ڪري سگهي.چيف جسٽس چيو ته فرض ڪريو وزيراعظم خلاف چوٿين سال بي اعتمادي اچي ٿي، مخالف ميمبرن خلاف ريفرنس اليڪشن ڪميشن وڃي ٿو، اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ کان هڪ سال فيصلا ٿيڻ ۾ لڳي ٿو، فيصلي تائين اسيمبلي مدو پورو ڪري وڃي ته مخالف ميمبر خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿيندي؟ فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن نااهلي ريفرنس تي مقرر مدي تائين فيصلي جو پابندي آهي، جنهن تي جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته سپريم ڪورٽ به مقرر مدي تائين فيصلي جي پابند آهي جتي به اختيار حد کان وڌيڪ هوندو اتي استعمال غلط ٿيندو. سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي جي صدارتي ريفرنس جي شنوائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close