اسلام آباد :سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته اڳوڻي دور ۾ پي ايم ڊي اي جو ڪارو قانون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي. اسان ان کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، پيمرا جي هوندي ڪنهن ميڊيا اٿارٽي جي ضرورت ناهي. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ اظهاري آزادي جي راءِ هر ماڻهو جو بنيادي حق آهي. جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سان گڏجي ميڊيا بابت مسئلا حل ڪنداسين. فيڪ نيوز تي به اسٽيڪ هولڊرز سان ڳالهايو ويندو، ميڊيا بابت اهم مسئلن کي گڏجي ويهي ڪري حل ڪنداسين. مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته پيڪا 2016 جو سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي ڪري نظرثاني ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اڳوڻي دور ۾ پيڪا قانون جو غلط استعمال ڪندي صحافين محسن بيگ کي گرفتار ڪيو ويو، ان تي تشدد ڪيو ويو. ان قانون ۾ جيڪا بهتري آندي ويندي، ان تي اسان گڏجي ويهي ڪري ڳالهائينداسين. هن جو چوڻ هو ته صحافين کي حراسان ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت ناهي، گذريل چئن سال ميڊيا سينسرشپ ۽ راءِ جي اظهار جي آزادي جي جدوجهد ڪئي. سينيئر صحافين ابصار عالم، مطيع الله جان، حامد مير ۽ اسد طور تي فائرنگ جا واقعا ٿيا، ڪيترن ئي صحافين جا ٽي وي چئنلز تي پروگرام بند ڪرايا ويا. اهڙن سمورن صحافين سان ايڪي جو اظهار ڪريان ٿي، سماج اندر راءِ جي اظهار جي آزاد رهندي ته حڪومت کي هٿ ملندي. هن وڌيڪ چيو ته رائٽ ٽو انفارميشن ايڪٽ اسان جي پوئين دور ۾ منطور ٿيو هو، ان تي ڪميشن قائم ڪنداسين جيئن هو پنهنجو ڪم شروع ڪري سگھن. تنقيد دل سان قبولينداسين، جنهن وقت نواز شريف وزيراعظم هو، ان وقت پاناما ليڪس جي حوالي سان ٽاڪ شوز ٿيا هئا، پيمرا هڪ به نوٽيس جاري نه ڪيا هئا. ڏهن سالن کان شهباز شريف پنجاب جو وڏو وزير رهيو ميڊيا تي ڪو راتاهو نه لڳايو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close