اسلام آباد : سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي بجلي في يونٽ 3 رپيا 15 پئسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) موجب درخواست مارچ جي فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي جنهن تي شنوائي 27 اپريل تي ٿيندي. بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪي اليڪٽرڪ کانسواءِ سموريون بجلي ڏيندڙ ڪمپنين لاءِ هوندو. ان کانسواءِ ملڪ ۾ جاري لوڊشيڊنگ تي نيپرا هيڊ ڪوارٽرز ۾ شنوائي ٿي، ان ۾ بجلي ڏيندڙ ڪمپنين ڪي اليڪٽرڪ، سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) ۽ اين پي سي سي جي عهديدارن شرڪت ڪئي. پڌرائي موجب اٿارٽي ملڪ ۾ جاري لوڊشيڊنگ تي خدشن جو اظهار ڪيو ۽ ڪمپنين کي هدايت ڪئي ته هو بجلي ڊمانڊ جي منصوباندي ڪندي وقت موسم جي شدت کي نظر هيٺ رکن. اٿارٽي هدايت جاري ڪئي ته بجلي لوڊشيڊنگ کان اڳ صارفين کي ايس ايم ايس ذريعي اطلاع ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close