اسلام آباد : تحريڪ انصاف جي وڪيل پي ٽي آءِ جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن اڻپوري هجڻ جا اعتراض واري ڇڏيا.اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي شنوائي ٿي، جنهن ۾ بينچ اڳيان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو پڙهي ٻڌايو ويو ته فارن فنڊنگ ثابت ٿي ته ان جو اثر پارٽي ۽ چيئرمين تي پوندو. ان دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل انور منصور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي تنقيد ڪندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جيڪي آبزرويشن ڏنا، اها بدقسمتي آهي، جن ڳالهين تي دليل نه ڏنا ويا هئا، اهي به حڪم نامي ۾ شامل ڪيون ويون.انور منصور اليڪشن ڪميشن اڻپوري هجڻ جو اعتراض اٿاريندي چيو ته ڪميشن جا ٻه ميمبر مقرر نٿا ٿي سگھن، آئين ۾ اختيار اليڪشن ڪميشن کي آهن، رڳو ڪمشنر يا ميمبرن کي نه. ان تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته هاءِ ڪورٽ 30 ڏينهن ۾ فيصلي جي هدايت ڪئي آهي ،ان جو ڇا ڪريون. اڪبر ايس بابر جي وڪيل ياد ڏياريو ته اعتراض پهرين به اٿاريا ويا هئا پر رد ڪيا ويا. پي ٽي آ جي وڪيل جو چوڻ هو ته ٻٽي شهريت رکڻ وارا سياسي جماعتن کي فنڊ ڏئي سگهن ٿا. اليڪشن ڪميشن ائين آرڊر جاري نٿو ڪري سگهي، ڪميشن مڪمل موجود هجڻ گهرجي.ان جون الڳ بنيچز يا بينچ نٿي ٺهي سگهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close