اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف جي ڪابينا ۾ شروعاتي طور تي بلاول ڀٽو شامل نه آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي 34 رڪني وفاقي ڪابينه حلف کڻي ورتو آهي، جنهن ۾ شروعاتي طور تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪابينا جو حصو نه آهن.
بلاول ڀٽو وزيرن جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪئي پر هن حلف نه کنيو، سندس سيٽ خالي رهي. وفاقي ڪابينا ۾ حنا رباني کر، عائشا غوث پاشا ۽ عبدالرحمان ڪانجو کي بطور مملڪتي وزير جي طور تي شامل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ اهي خبرون هلي رهيون هيون ته بلاول ڀٽو زرداري کي نئين ڪابينا ۾ پرڏيهي وزير جو قلمدان ڏنو ويندو.