اسلام آبادپاڪستان

عمران خان تي غداري جو ڪيس هلائڻ جي اپيل رد

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ ۽ غداري جو ڪيس هلائڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس اعجاز اسحاق خان تي ٻڌل ڊويزن بئنچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. عدالت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ ٻين جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ ۽ غداري جا ڪيس هلائڻ جي انٽرا ڪورٽ اپيل رد ڪري ڇڏي. عدالت انٽرا ڪورٽ اپيل کي ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ تي رد ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اپيل داخل ڪندڙ مولوي اقبال حيدر جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ درخواست جي ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button