اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم جي 37 رڪني ڪابينا جو اعلان،راڻا ثنا الله گهرو وزير ۽ خواجا آصف وزير دفاع ٿي ويو

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف جي 37 رڪني وفاقي ڪابينا حلف کڻي ورتو. وفاقي ڪابينا ۾ ن ليگ جا 14 ۽ پيپلزپارٽي جي 9 ميمبر شامل آهن. خواجا آصف بچا، حنا رباني کر مملڪتي وزارت، راڻا ثنا الله گهرو وزارت، خورشيد شاهه، شازيا مري، نويد قمر، شيري رحمان سميت ٻين حلف کنيو. ان ڏس ۾ ڪالهه وفاقي ڪابينا جي حلف برداري تقريب ايوان صدر ۾ ٿي، جتي صدر عارف علوي طرفان معذرت ڪرڻ بعد سينيٽ چيئرمين ۽ وقتي صدر صادق سنجراڻي پهريون وفاقي وزيرن کان حلف ورتو، جنهن کانپوءِ هن مملڪتي وزيرن کي به حلف کڻايو. وفاقي ڪابينا ۾ 31 وفاقي وزير ۽ مملڪتي وزير آهن. جڏهن ته ٽي صلاحڪار به ڪابينا جو حصو آهن. مجموعي طور تي ڪابينا ۾ ن ليگ جا 14 ۽ پيپلزپارٽي جا 9 ميمبر، بلوچستان عوامي پارٽي ۽ جمهوري وطن پارٽي مان هڪ هڪ، جي يو آءِ جا 4 ۽ ايم ڪيو ايم جا 2 ميمبر ڪابينا جو حصو آهن. ن ليگ جو خواجا آصف، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله، اياز صادق، خرم دستگير، راڻا تنوير، مريم اورنگزيب، سعد رفيق، رياض حسين پيرزاده، اعظم نذير تارڙ ۽ جاويد لطيف ڪابينا جو حصو آهن. پيپلز پارٽي جي خورشيد شاهه، نويد قمر، شيري رحمان، مرتضيٰ محمود، احسان الرحمان مزاري، عابد حسين ڀيو ۽ شازيا مري ڪابينا ۾ شامل آهن. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جو امين الحق ۽ فيصل سبزواري ڪابينا جو حصو آهن. جي يو آءِ ف جي جو اسعد محمود، مولانا عبدالواسع، مفتي عبدالشڪور، طلحه محمود، بي اي پي جو اسرار ترين، نوابزاده شاهه زين بگٽي، طارق بشير چيما وفاقي ڪابينا ۾ شامل آهن. جڏهن ته عائشا غوث پاشا، حنا رباني کر ۽ عبدالرحمان ڪانجو مملڪتي وزير آهن. ان کانسواءِ قمر زمان ڪائرا، انجنيئر امير مقام ۽ عون چوڌري کي مشير طور ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. نئين وفاقي ڪابينا جو حلف کڻڻ کانپوءِ وزيرن کي انهن جو قلمدان حوالي ڪيو ويو. ان حوالي سان وفاقي ڪابينا ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله کي گھرو وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل کي هڪ ڀيرو ٻيهر ناڻي واري وزارت جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته مريم اورنگزيب کي سڌ سماءَ واري وزارت ڏني وئي آهي. ان کانسواءِ احسن اقبال کي رٿابندي واري وزارت، سعد رفيق کي ريلوي، سينيٽر اعظم تارڙ کي قانون واري وزارت ۽ مرتضيٰ جاويد عباسي کي پارلياماني معاملني واري وزارت جو قلمندان ڏنو ويو آهي. جمهوري وطن پارٽي جي شاهه زين بگٽي کي منشيات جي خاتمي واري وزارت، بلوچستان عوامي پارٽي جي اسرار ترين کي دفاعي پيداوار جي وزارت، جي يو آءِ جي مفتي عبدالشڪور کي مذهبي معاملن واري وزارت، طلحه محمود کي سيفران واري وزارت ۽ مولانا اسعد محمود کي مواصلات واري وزارت جو قلمندان ڏنو ويو آهي. مسلم ليگ ق جي طارق بشير چيما کي فوڊ سيڪيورٽي بابت وفاقي وزير بڻايو ويو آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي امن الحق کي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن جي وزارت ڏني وئي آهي. پيپلز پارٽي جي مرتضيٰ محمود صنعت واري وزارت جي چارج ڏني وئي آهي. جڏهن ته احسن اقبال رٿابندي ۽ ترقي جي وفاقي وزير جون ذميواريون سنڀالي ورتيون، چارج سنڀالڻ لاءِ پهچڻ تي احسن اقبال جي رٿابندي وزارت ۾ آجيان ڪئي وئي. وزارت جي آفيسرن کيس ڀليڪار چيو ۽ گلن جو گلدستو پيش ڪيو. جي يو آئي جي اڳواڻ مفتي عبدالشڪور مذهبي معاملن واري وفاقي وزير جي چارج سنڀالڻ لاءِ وزارت پهتو ته اتي ان جي آجيان ڪئي وئي، کيس گلن جو گلدستو پيش ڪيو ويو. جمهوري وطن پارٽي جي اڳواڻ شاهزين بگٽي، سيڪريٽري ڊاڪٽر سيد عليم امام سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير پنهنجي وزارت بابت شروعاتي بريفنگ به ورتي. امين الحق وفاقي وزير آئي ٽي ۽ ٽيليڪيونيڪيشن جا فرض سنڀالي ورتا. ان کان علاوه خواجه سعد رفيق کي ريلوي، سينيٽر اعطم نذير تارڙ کي قانون واري وزارت ۽ مرتضيٰ جاويد عباسي کي پارلياماني معاملن واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي. بلوچستان عوامي پارٽي جي اسرار ترين کي دفاعي پيداوار وزارت، سينيٽر طلحه محمود کي سيفران وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي. طارق بشير چيما کي فوڊ سيڪيورٽي بابت وفاقي وزير بڻايو ويو آهي. پيپلزپارٽي جي مرتضيٰ محمود کي صنعت واري وزارت جي چارج ڏني وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button