پاڪستانسنڌ

وڏي وزير طرفان فريدآباد باهه واقعي جي جاچ جو حڪم، متاثرن کي گهر ٺاهي ڏيڻ ۽ معاوضي جا اعلان

دادو/ميهڙ/فريدآباد: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ميهڙ ڀرسان باهه سانحي جي متاثرن وٽ پهتو، گهر ٺاهي ڏيڻ ۽ معاوضي سميت جاچ جو حڪم. ان سلسلي ۾ سنڌ سيد مراد علي شاهه ميهڙ ڀرسان ڳوٺ فيض محمد چانڊيو پهتو، جتي هن باهه سانحي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن سان تعزيت ڪري ڏک جو اظهار ڪيو، جنهن کان پو ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته باهه واقعي ۾ فوت ٿيل ٻارن جي وارثن کي 5 لک رپيا ۽ زخمين کي 2 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو. جڏهن ته مري ويل جانورن جي مالڪن کي مارڪيٽ مطابق معاوضو ڏنو ويندو. هن چيو ته واقعي جي جاچ ڪرائي ويندي، جيڪڏهن ڪا غفلت ثابت ٿي ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، سنڌ حڪومت متاثرين جي بحالي لا هر ممڪن مدد ڪندي، ڳوٺاڻن جي بحالي لا بينظير هائوسنگ اسڪيم تحت گهر ٺاهي ڏينداسين، واقعي جي جاچ لا ڪمشنر حيدرآباد جي نگراني ۾ جاچ ٽيم جوڙي آهي، فريدآباد کي ٽائون جو درجو ڏنو ويندو ته جيئن اتي مستقبل ۾ فائربرگيڊ ۽ ٻيون شيون رکن ته جيئن قدرتي حادثن سان منهن ڏئي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته ڳوٺ ۾ ٿيل نقصان بابت سروي ڪرائي ڪاٿو لڳائڻ کان پو جلد بحالي وارو ڪم شروع ڪيو ويندو، ڳوٺ لا واٽرسپلائي اسڪيم ڏني ويندي، سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته ماڻهن کي سهولتون ڏيون. ان موقعي تي وڏي وزير سان سيد ناصر شاهه، نواب وساڻ، فياض ٻٽ، رسول بخش چانڊيو، رفيق جمالي عبدالعزيز جوڻيجو، محمود خان مھيسر ۽ ٻيا گڏ هئا. جڏهن ته ايم اين اي رفيق احمد جمالي، ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو، صوبائي صلاحڪار ايم پي اي فياض خان ٻٽ، ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو ۽ ٻين پ پ پ اڳواڻن ڳوٺ فيض محمد درياڻي پھچي باھه ۾ سڙي ويل 9 ٻارڙن جي وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ايم اين اي رفيق احمد جمالي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته متاثرن جي ھر طرح جي مالي مدد ڪري سندن مڪمل بحاليءَ تائين متاثرن سان گڏ ھونداسين، متاثرن جي بحالي لاءِ ضلع، صوبائي ۽ وفاقي سطح تائين فنڊز جاري ڪرائي شھيد معصوم ٻارڙن جي وارثن، زخمين، باھ متاثرن کي رليف ڏيارينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button