اسلام آبادپاڪستان

آصف زرداري ۽ چوڌري شجاعت ۾ ملاقات،مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق

اسلام آباد :اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين وچ ۾ سندس رهائشگاهه تي ملاقات ٿي آهي. آصف علي زرداري ۽ چوڌري شجاعت حسين وچ ۾ ملاقات دوران چوڌري سالڪ حسين ۽ وفاقي وزير طارق بشير چيما به موجود هئا. بيان موجب ملاقات ۾ موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته اڳوڻي صدر موجوده سياسي صورتحال تي سهڪار تي مسلم ليگ ق جي صدر جا ٿورا مڃيا.ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته سياست ۾ مفاهمت، احترام ۽ برداشت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. پنجاب اسيمبلي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان کان بچي سگهجي ٿو. بيان موجب آصف علي زرداري ۽ چوڌري شجاعت حسين مستقبل ۾ به سياسي مشاورت جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button