پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ زميندار خلاف احتجاج، پي پٽ کي گم ڪرڻ جو الزام

ميرپورخاص: زميندار جي مبينا زيادتين کان تنگ ٿي ڪورٽ معرفت آزادي ماڻيندڙ ھاري خاندان جا بااثر زميندار پاران ٻن ڄڻن کي مبينا گم ڪري ڇڏيو ميرپورخاص ۾ متاثر خاندان جي عورتن، مردن ۽ ٻارن زميندار جي زيادتين خلاف عدالت ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ڳوٺ سيري فارم واسي ڀاولو ڪولھي، ميران، ليلان ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته زميندار اجي ڪمار وٽ ھارپو ڪندا ھئاسين، جتي پورھئي جو اجورو نه ملڻ سبب ۽ ھٿيارن جي زور تي ڪم وٺڻ سميت ٻين ظلمن کان تنگ ٿي عدالت ۾ درخواست ڏني، عدالتي حڪم بعد زميندار اجي، ڪمدار ۽ سندس ٻين ماڻهن اسان جي گھر تي ڪاھه ڪري چوپائي مال سميت سمورو سامان قبضي ۾ وٺي ڇڏيو، بااثر زميندار اسان جي ھمراھه جيمل ۽ سندس پٽ کي اغوا بعد گم ڪري ڇڏيو آهي، اسان اھڙي درخواست عدالت ۾ پڻ ڏني. ھاري خاندان چيو ته خدشو آهي ته ٻنهي پي پٽ کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سميت قتل ڪيو ويندو. متاثر ھاري خاندان واسطيدار اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثر زميندار جي زيادتين جو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪري پي پٽ کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button