پاڪستانسنڌ

ٻيراڻي شهر ۾ پاڻي جي کوٽ، رهواسين جو مظاهرو

ڄام نواز علي: ٻيراڻي شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ بدستور ڪيترن ڏينهن کان برقرار آهي، شھري اهڙي قيامت جهڙي گرمي ۾ رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ به پاڻي جي لپ لا دربدري جو شڪار آهن. ڪيترن ئي ڏينهن کان واٽر سپلائي جو پاڻي نه ملڻ سبب شهري آزار ۾ اچي ويا آهن. هوڏانهن رهواسين ۽ مختلف سياسي سماجي ڌرين اسڪولي ٻارڙن کي ساڻ ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي صدورو خاصخيلي، جي يو آئي جي غلام محمد مري، شمشاد راجپوت، ساجن مگسي ۽ ٻين چيو ته شهر جي مختلف وارڊن توڙي پڇڙي جي علائقن ۾ پاڻي پهچڻ محال بڻجي چڪو آهي، جنهن ڪري رهواسي عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. انتظاميه پاڻي فراهمي لا ڪي به جوڳا قدم نه ٿي کڻي سگهي آهي. هنن گهر ڪئي ته جلد پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button