اسلام آباد: غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيا مري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بابت چيو آهي ته غير ضروري فلٽرز جي بنياد تي پروگرام مان مستحق ماڻهن کي ڪڍڻ ناجائز آهي. ڪالهه جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ هن چيو ته صرف عمري جي بنياد تي حقدارن کي پروگرام مان ڪڍڻ ٺيڪ ناهي. غربت ۽ غريب ماڻهن جو مذهبي رسمن يا زيارت لاءِ پرڏيهه ملڪ وڃڻ سان ڇا اهي حقدار نٿا رهن؟ هن چيو ته غريب ماڻهو جيڪڏهن قرض يا امداد وٺي پرڏيهه ملڪ مان علاج ڪرائي ته ڇا هو امداد جو حقدار ناهي؟ موبائل خرچ جي بنياد تي ماڻهن کي پروگرام مان ڪڍڻ حقدار ماڻهن سان بي انصافي آهي. شازيا مري چيو ته جيڪڏهن پروگرام مان ماڻهن کي ڪڍڻو ئي آهي ته پهرين انهن کي پنهنجن پيرن تي بيهاريو. هن چيو ته سمورن پروگرامن سان بي بي شهيد جو نالو استعمال ٿيندو ڇاڪاڻ ته بي آءِ ايس پي جي زير نگراني پروگرام هلايا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته جن مستحق ماڻهن جا نالا پروگرام مان ڪڍيا ويا آهن، انهن جو جائزو وٺي، انهن جا نالا ٻيهر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪيا ويندا ۽ انهن جي مدد ڪئي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close