اسلام آبادپاڪستان

پوري پي ٽي آئي بيمار ٿئي تڏهن به حمزا حلف کڻندو:مريم اورنگزيب

اسلام آباد :سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته صدر ۽ گورنر سميت پوري پي ٽي آئي بيمار ٿئي تڏهن به حمزا شهباز حلف ضرور کڻندو. عدالتن جي حڪمن جا بکيا اڍيڙيو ٿا ۽ پوءِ چئو ٿا ته رات جو عدالتون ڇو کليون؟ عمران صاحب اوهان جو صدر پنجاب ۾ آئين ٽوڙي رهيو آهي، تنهنڪري رات جو عدالتون کلن ٿيون. مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ چيو ته عمران صاحب آئين ٽوڙڻ ڇڏي ويو، پارليامينٽ جا اغوا ڪندڙ نه بڻجو آئين جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي يرغمال بڻايو ٿا ۽ پوءِ چئو ٿا ته عدالتون ڇو کلن ٿيون. مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب، ان جي صدر علوي، گورنر پنجاب سميت هن آئين ٽوڙيندڙ ٽولي کي آرٽيڪل 6 جي سزا ملڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button