پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ باهه متاثرن جي واهر نه ڪرڻ خلاف مظاهرو

ميهڙ/راڌڻ: ميهڙ جي ڳوٺ پکيئڙا ماڇي جي باهه متاثرن جي واهر نه ڪرڻ خلاف راڌڻ ۾ باهه متاثرن پ پ اڳواڻ ياسين سولنگي، اڳوڻي ڪائونسلر غلام مصطفى، عامر سولنگي سوجهرو، ڌڻي بخش، سڪندر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته ڳوٺ کي باهه لڳڻ سبب شمس الدين، علي گوھر، ڌڻي بخش، عزيز الله نادر، سڪندر غلام مصطفى، امتياز ۽ انصاف سولنگي سميت 30 گهر سڙي ويا، ان باوجود ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندا لڙي ناهن آيا، سرڪار ڪا به واهر ناهي ڪئي. هنن گهر ڪئي ته باهه متاثرن جي واهر ڪري نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button