پاڪستانسنڌ

راڌڻ ۾ يوٽيليٽي اسٽور ختم ڪرڻ خلاف شهرين جو مظاهرو

راڌڻ: راڌڻ جو يوٽيليٽي اسٽور ٻئٔي ھنڌ منتقل ڪرڻ خلاف حسيني چوڪ تي ماما نظير بروھي، شمن لاکير، تاج محمد سومري، سجاد خاصخيلي ۽ فقير معشوق سولنگي جي اڳواڻي ۾ شھرين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته راڌڻ ۾ ڪيترن سالن کان يوٽيليٽي اسٽور ھلندڙ ھلندو رهيو آهي، جيڪو آفيسرن ۽ دڪاندارن ملي ڀڳت ڪري ٻئٔي ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري راڌڻ واسي ان سھولت کان محروم ٿي ويا آهن. ھنن وزيراعظم پاڪستان ۽ يوٽيليٽي آفيسرن کان مطالبو ڪيو ته راڌڻ ۾ يوٽيليٽي اسٽور قائٔم ڪري سھولت ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button