ڏهرڪي ۾ مال پڙي روڊ تان هٿياربندن هٿان مبينا اغوا ٿيل 15 سالن جي ڇوڪري فرزانه ڌي رميش ڪمار اوڏ کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي، جنهن جي خلاف اوڏ برادري جي ماڻهن ۽ سندس وارثن احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ڇوڪري جي پي رميش اوڏ، خانچند، مور ۽ ٻين دانهيو ته 3 ڏينهن اڳ نامعلوم هٿياربند گهر ۾ گهڙي اسان جي 15 سالن جي نياڻي فرزانا کي زبردستي اغوا ڪري ويا، جنهن کانپو بروقت پوليس کي اطلاع ڏنو پر ڏهرڪي پوليس نياڻي کي بازياب ڪرائڻ بدران رڳو آسرا ڏئي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اسان جي نياڻي کي بازياب ڪرائي کيس تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close