سنڌ

صالح پٽ جو فوجي جوان ڪشمير ۾ شهيد،مٽي ما حوالي

صالح پٽ جي ڳوٺ ملوئي جو فوجي جوان 22 سالن جو موٽڻ خان پٽ جمال الدين شنباڻي ڪشمير جي وادي نيلم جي بارڊر وٽ دشمن ملڪ سان مقابلو ڪندي شھيد ٿي ويو، جنھن جو مڙهه اباڻي ڳوٺ پھچايو ويو، جتي کيس فوجي اعزاز سان گارڊ آف آنر پيش ڪندي گلن جي ورکا سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس تڏو ڳوٺ ملوئي ۾ وڇايو ويو آهي. شهيد موٽڻ خان شنباڻي 10 مهينا اڳ پاڪ آرمي ۾ شامل ٿيو هو، سندس تعلق يونٽ 11 بلوچ ريجمنٽ سان هو، شھيد فوجي 3 سال اڳ شادي ڪئي، کيس هڪ پٽ جو اولاد آهي، شھيد موٽڻ خان جي شهادت تي سندس والد ڳالھائيندي چيو ته منهنجو پٽ وطن عزيز جي سرحد جي حفاظت ڪندي شهيد ٿيو آهي، اسان لا اهو فخر ۽ اعزاز آهي ته اسانکي شهيد جو وارث سڏيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button