سنڌ

پڊعيدن ۾ کنڀي گم ڪيل 2 نوجوانن جي آزادي لا ريلي،ڌرڻو

پڊعيدن جي وارڊ نمبر هڪ مان 8 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گُم ڪيل نوجوانن امان الله لاشاري ۽ ثناء الله لاشاري جي آزادي لا وارثن ريلوي ڦاٽڪ کان ريلي ڪڍي نصرت ڪئنال پل وٽ ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٻنهي طرفن کان ٽريفڪ بيهي رهي. ان موقعي تي وارثن خدابخش لاشاري، شريفا لاشاري، عامر لاشاري، ربنواز لاشاري ۽ ٻين چيو ته 8 ڏينهن اڳ پوليس گهرن ۾ داخل ٿي بيگناهه نوجوانن ثناءُ الله لاشاري ۽ امان الله لاشاري کي مبينا کنڀي گُم ڪيو آھي، جن جي آزادي لا پرامن ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. هنن چيو ته گهرن تي چڙھائي ڪري بيگناهه نوجوانن کي کنڀي گُم ڪيو ويو آھي، جيڪڏھن نوجوانن تي ڪو ڪيس آھي ته انهن کي ظاهر ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن چيو ته اسان کي خاموش ڪرڻ لا ڌمڪيون ڏئي حراسا ڪيو پيو وڃي. هنن اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي نوجوانن کي آزاد ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button