سنڌ

ڪي اين شاهه ويجهو نوجوان تيز ڌار سان نازڪ عضوو وڍي ڇڏيو

ڪي اين شاهه ڀرسان ڳوٺ ڪڙيو مٺو زنگيجو جي رهواسي 18 ورهين جي نوجوان عاطف پٽ شير خان عالماڻي مبينا طور تيز ڌار سان پنهنجو نازڪ عضوو ڪٽي ڇڏيو، جنهن کي سندس وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرايو. ان موقعي تي نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته اسان جي نوجوان عاطف عالماڻي جو ذهني توازن درست ناهي، جنهن تيز ڌار شيءِ سان پنهنجو نازڪ عضوو ڪٽي ڇڏيو آهي، جنهن کي اسان بيهوشي حالت ۾ کڻائي علاج لاءِ اسپتال آندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button