سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ سماجي تنظيم پاران شهرين کي افطار پارٽي ڏني وئي

لاڙڪاڻي ۾ سماجي تنظيم سنڌ يوٿ فائونڊيشن پاران شهرين جي مان ۾ افطار پارٽي جو اهتمام ڪيو ويو. ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن سنڌ يوٿ فائونڊيشن جي ڊائريڪٽر آپريشن راجا شيخ جي اڳواڻي ۾ شيخ زيد هاءِ اسڪول ۾ شهرين کي روزو افطار ڪرايو ويو، جنھن ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي راجا شيخ ڳالهائيندي چيو ته الله تعليٰ انسان ذات جي خدمت ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي، هر سال جيان هن سال به سنڌ يوٿ فائونڊيشن پاران روزو افطار ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته جلد مستحق ماڻهن کي راشن سان گڏ عيد جا تحفا ڏنا ويندا. ان موقعي تي شهزاد علي خاصخيلي، ثقلين سولنگي، جنيد ساگر، سليم آرائين، ذيشان مغيري ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button