سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ميهڙ واسين جو زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ سڄڻ ميرواهڻي جي رهواسي طرفان بااثر مائٽن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي پيرسن عورت حبيبان خاتون چانڊيو پٽ وزير چانڊيو، ڌيءُ نماڻي خاتون، راڄ ٻائي، گاهي خان چانڊيو ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي دانهيندي چيو ته منهنجي مرحوم والد ڪانڀو خان چانڊيو پنهنجي حياتي ۾ مونکي ٻه ايڪڙ زرعي زمين حصي طور ڏني. هن الزام لڳايو ته ڄاڻايل زمين تي ٻن مهينن کان وٺي بااثر ڀائرن قربان چانڊيو، امام الدين ۽ عنايت چانڊيو زبردستي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، جن گذريل ڇنڇر تي منهنجي پٽ وزير چانڊيو ۽ ڄاٽي جي ڀاءُ گاهي خان چانڊيو مٿان حملو ڪري کين زخمي ڪري ڇڏيو، اهڙي واقعي جي اين سي فريد آباد ٿاڻي تي داخل ڪرائي پر پوليس جوابدارن خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي، جڏهن ته ويتر بااثر ڀائر زمين مالڪي تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثر ڀائرن خلاف ڪارروائي ڪري زمين تان ٿيل قبضو ختم ڪرائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button