سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ معصوم نينگر گم،ڳولا باوجود پتو نه پيو

لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسين لاپتا ٿيل نينگر جي ڳولا ۾ مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي پورهيت زاهد حسين ترڪ پنهنجي ماروٽن محمد يامين ۽ بخت ترڪ سان گڏجي دانهيندي چيو ته گذريل ڇنڇر ڏينهن منهنجو چئن ورهين جو معصوم پٽ جواد علي ترڪ گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو آهي، جنهن جي ڳولا مٽن مائٽن وٽ ڪرڻ سميت حد جي دڙي ٿاڻي تي اطلاع ڏنو آهي، پر هن وقت تائين سندس ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، جنهن سبب اسان سمورا گهرڀاتي سخت پريشان آهيون. هن ضلعي انتظاميا سميت ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي گم ٿيل پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button