سنڌ

گولاڙچي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو 3 ڪلاڪ ڌرڻو

امام واهه سميت تعلقي جي مختلف شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ۽ ترائي شهر ۾ 3 مهينن کان پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ سبب جسقم سميت سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن ترائي چوڪ تي بدين – ڪراچي نيشل ها وي تي 3 ڪلاڪ مسلسل ڌرڻو هنيو. ڌرڻي سبب بدين ۽ ڪراچي ويندڙ سوين گاڏيون روڊن تي بيهي ويون. ان موقعي تي محفوظ اسماعيل نوتڪاڻي، وڪيو ملاح، لال بخش چانڊيو، آچار راهوڪڙو، عمران عمراڻي ۽ ٻين چيو ته تعلقي جي مختلف شاخن ۾ پاڻي ڏنو ويو آهي پر امام واهه ۾ 6 مهينن کان پيئڻ جو پاڻي نه هئڻ سبب عوام سخت پريشان آهي، ڌرڻي واري هنڌ سنڌ هاري ڪميٽي جو اڳواڻ ثمر حيدر جتوئي پڻ يڪجهتي طور شامل ٿيو، ان موقعي تي هن خطاب ڪندي چيو ته پاڻي جو مسئلو انتظاميه کي فوري حل ڪرڻ گهرجي، 3 ڪلاڪن جي ڌرڻي بعد ڊي ايس پي گولاڙچي اعجاز شيخ، ايس ايڇ او ڪڙيو گهنور ۽ مختيارڪار گولاڙچي ديدار نهڙيو پهچي ڳالهيون ڪيون ۽ واعدو ڪيو ته نوٽيفيڪشن آيو آهي ته ٽيل تائين امام واهه کي پاڻي پهچايو ويندو، جنهن بعد روڊ کولرايو ويو. هوڏانهن احتجاج ڪندڙ چتا ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پاڻي نه آيو ته عيد بعد سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button