سنڌ

ڪراچي مان لاپتا دعا زهره ۽ نمره جي شادين جو انڪشاف

ڪراچي مان لاپتا ٿيل دعا زهره لاهور مان ملي وئي. ڪراچي جي علائقي گولڊن ٽائون مان 10 ڏينهن اڳ مبينا گم ٿيل 14 ورهين جي ڇوڪري دعا زهرا لاهور مان ملي وئي آهي. دعا زهرا لاهور ۾ پوليس کي بيان ڏنو آهي ته هوءَ پنهنجي مرضيءَ سان ڪراچي کان لاهور آئي آهي، جڏهن ته پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته دعا لاهور واسي نوجوان سان نڪاح ڪيو آهي، دعا کي پنهنجي حفاظتي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي، نڪاح نامي موجب دعا 17 اپريل تي ئي نڪاح ڪيو، دعا لاهور جي شير شاهه واري علائقي جي رهواسي 18 سالن جي ظهير احمد سان نڪاح ڪيو. پوليس موجب نڪاح نامي تي ڪنوار جي صحيح واري جاءِ تي انگريزي ۾ صرف زارا لکيل آهي، نڪاح نامي جي تصديق ڪرائي ويندي. لاهور پوليس پاران دعا زهره کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو ويو آهي ۽ ان حوالي سان سنڌ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ پوليس به ان حوالي سان تصديق ڪئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته دعا زهره ظهير احمد نالي شخص سان پرڻو ڪيو آهي، جيڪو لاهور جو رهواسي آهي نڪاح نامي جي فوٽو ڪاپي ورتي وئي آهي، جنهن جي تصديق جي حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي. لاهور پوليس پاران خاطري ڪرائي وئي ته دعا زهره کي حفاظت سان ڪراچي منتقل ڪيو ويندو ۽ ان سان وڌيڪ اڳڀرائي سان ميڊيا کي آگاهه ڪيو ويندو، پوليس مطابق دعا زهره پاران بيان ڏنو ويو آهي ته هو پنهنجي مرضي سان لاهور آئي هئي پوليس جو چوڻ آهي ته دعا زهره جو هڪ مڪمل وڊيو بيان جاري ڪيو ويندو. ہوڏانهن ڪراچي جي علائقي سعود آباد واري علائقي مان لاپتا ٿيل نمرہ به شادي ڪري ڇڏي، نمرہ ڊيرا اسماعيل خان ۾ نجيب شاهه رخ سان نڪاح ڪري ڇڏيو. نينگري جي وارثن موجب پوليس اسان کي ڪال ڪري نڪاح بابت پڇيو، اسان کي نڪاح جي خبر ناهي، ڇاڪاڻ ته نمرہ جو نمبر بند آهي، واضح رهي ته سنڌ ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي شادي تي پابندي لڳل آهي، پنجاب ۾ ان حوالي سان قانون موجود ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button