سنڌ

مهراڻ يونيورسٽي ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، حيدرآباد پوليس جي ٽيم کي شڪست

مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ جاري نائٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ڊي آئي جي حيدرآباد سنڌ پوليس پير محمد شاھه پنھنجي ٽيم سان گڏ ميدان تي لھي پيو. تفصيل موجب مھراڻ يونيورسٽي ۾ جاري نائٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ مھراڻ يونيورسٽي مان پڙھيل 94 بيچ پير محمد شاھه جي قيادت ۾ ميدان ۾ لھي پئي. مھراڻ يونيورسٽي جي استادن ۽ 94 بيچ وچ ۾ کيڏيل ميچ ۾ 94 بيچ پھريان بئٽنگ ڪندي مقرر ست اوورن ۾ 86 رنسون ٺاھيون، جن ۾ غلام مصطفيٰ مھيسر 48 رنسن جي بھترين اننگ کيڏي، جڏھن تـ تبريز شاھه 22 رنسون ٺاھي 94 بيچ کي سٺو ٽوٽل ڏنو، پير محمد شاھه ٻن بالن تي پنج رنسون ٺاھيون. جواب ۾ مھراڻ يونيورسٽي جي استادن جي ٽيم مليل ٽارگيٽ ڊاڪٽر تنوير ڦلپوٽو جي بھترين 45 ۽ انجنيئر آفتاب احمد جي 35 رنسن سان مڪمل ڪري ورتو، مھراڻ يونيورسٽي جي استادن جي ٽيم طرفان ميچ جو وننگ شاٽ مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحـٰ حسين علي پاران کيڏيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button