سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ عورت جو گهرڀاتين سميت ساهرن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ لعل بخش بگٽي جي رهواسڻ عورت پنهنجي گهرڀاتين سان گڏجي ساهرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عورت حليمان بگٽي پنهنجي ما زرينه خاتون، ڀاءُ امجد بگٽي، چاچي محمد رحيم بگٽي ۽ ٻارڙن سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته 5 سال اڳ منهنجي شادي لاڙڪاڻي جي ايوب ڪالوني جي رهواسي وسيم راجا جتوئي سان ٿي هئي، جنهن مان نياڻي مهوش جي اولاد آهي. هن الزام لڳايو ته 5 مهينا اڳ منهنجي مڙس وسيم راجا جتوئي، سهري مختيار جتوئي ۽ نڻان بينظير خاتون مونکان معصوم ڌيءُ کسڻ کان پوءِ بيگناهه گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، جنهن بعد مان سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، عدالت سڳوري حيدري ٿاڻي کي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو، منهنجو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پر هن وقت تائين پوليس مڙس، سهري ۽ نڻان خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي ۽ نه ئي وري نياڻي واپس ڪرائي وئي آهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ساهرن خلاف ڪارروائي ڪري معصوم نياڻي واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button