سنڌ

لاڙڪاڻي ويجهو ڪرنٽ ۾ فوت ٿيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي يوسف آباد پاڙي ۾ ڏيڍ مهينو اڳ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل نوجوان جي وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪندي انصاف لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن عورت مسمات وزيران خاتون چانڊيو پنهنجي نياڻي ڪلثوم ۽ ڏهٽي شهزادي چانڊيو سان گڏجي دانهيندي چيو ته ڏيڍ مهينو اڳ اطلاع ڏنو ويو ته تنهنجي نوجوان پٽ رياض چانڊيو جو لاش پاڙي جي هڪ مسجد ۾ پيل آهي، جيڪو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي. هن الزام لڳايو ته پاڙي جي رهواسي قربان کرل ۽ سندس ساٿين منهنجي پٽ رياض چانڊيو کي قتل ڪرڻ بعد بجلي جي ڪرنٽ جو ڊرامو رچائيندي لاش مسجد ۾ اڇلائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ جو پٽ جي ڳچي ۾ پاتل چاندي جو هار ۽ ڪنگڻ قربان کرل جي گهر جي ڀت مان مليو آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته پٽ کي قتل ڪيو ويو آهي، واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ وليد ٿاڻي وياسين، پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button