سنڌ

قمبر ويجهو کنڀي گم ڪيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

قمبر جي ڳوٺ لئو ميرجت مان کنڀي گم ڪيل نوجوان محمد علي چانڊيو جو 7 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪو پتو پئجي نه سگهيو. ان سلسلي ۾ نوجوان جي بازيابي لا سندس وارثن مردن ۽ عورتن ستين ڏينهن به پاڪ ڪتاب مٿي تي کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ان موقعي تي گم ڪيل نوجوان جي پيرسن ماءُ عظيمان چانڊيو،نصرت ۽ معصوم ٻارڙن دانهيندي چيو ته هفتو اڳ ڊرگهه ٿاڻي جو ايس ايڇ او سلام چانڊيو پوليس اٽالن سان رات جي اونداهي ۾ گهرن تي چڙھائي ڪري پورھيت پٽ محمد علي چانڊيو کي کنڀي گم ڪيو آهي، ضلعي جي مختلف ٿاڻن تان جاچ ڪئي آهي پر پوليس گرفتاري کان اڻڄاڻ بڻيل آهي هن چيو ته محمد علي هارپو ڪري ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪندو آهي، جنهن کي ننڊ مان اٿاري کنڀي کڻي گم ڪيو ويو آھي. ھن چيو ته ھن جو ڪنهن تنظيم سان تعلق ناهي، ھن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پٽ محمد علي چانڊيو کي آزاد ڪري پريشانين کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button