سنڌ

قمبر جي رهواسين جو ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

قمبر جي ميراڻي محلي ۽ اسٽيشن محلي جي رهواسين ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف ڊي سي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي رهواسين فدا ميراڻي، عابد ميمڻ، غلام محمد چانڊيو، سيد شير محمد شاهه، علي رضا ميراڻي، ڀٽو ميراڻي، اسحاق شابراڻي،غلام مصطفي ميراڻي ۽ ٻين چيو ته ميراڻي محلي ۽ اسٽيشن محلي کي ترقياتي ڪمن ۾ مسلسل نظر انداز ڪيو پيو وڃي. هنن چيو هن جديد دور ۾ به محلي جو ڊرينيج سسٽم ناڪاره هجڻ ڪري نيڪال جو پاڻي گهٽي ۽ گهرن ۾ بيهڻ ڪري سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ سان گڏوگڏ مختلف بيمارين ڪر کنيو آهي. هنن چونڊيل نمائندن سميت ڊي سي قمبر کان مطالبو ڪيو ته ميراڻي محلي ۽ اسٽيشن محلي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button